Friday, March 22, 2013

بیدل کی اردو کافی

درشن تیرے جمال کا مانگتا ہوں اور بس
ملنے تیرے کی خواہش رکھتا ہوں اور بس

کلمہ کلام میرا ہے وحدت تیرے کی بات
اوراد عشق تیرے کا پڑھتا ہوں اور بس

نحو فقہ سے خاطر میرا ملول ہے
کسب فنا میں کوشش کرتا ہوں اور بس

کثرت کے پنجرے میں جدا اس بہار سے
بسمل صفت ہجر سوں پھڑکتا ہوں اور بس

آتش سے درد و غم میں ہمہ شب مثال شمع
اس صبح کے فراق میں جلتا ہوں اور بس

میری طرف سے جاکے صبا کہہ پیا کے تائیں
تشریف لاؤ وگرنہ میں مرتا ہوں اور بس

’’ بیدل ‘‘ نہ ہو توں درد کے دریا میں اتنا غرق
میں بھی تیرے خیال میں رہتا ہوں اور بس


۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حضرت صوفی فقیر قادر بخش بیدل

Tuesday, December 11, 2012

قولِ بيدل


صوفي عثمان فقير جي آواز ۾ چيل ٽي ڪلام

صورت سر کي سَـــو سَـــو سجدو، ڪعبي اسان جو ڪهڙو ڪمُ
________________________________________

حضرت صوفي سيد مهدي شاهه جهانيان
راڳي؛ صوفي عثمان فقير سولنگي
ڪلام جي آڊيو 
 
ڪَـــرَهــو مــوٽــائي ڪــاڪ تي، تــُـون راضــي ٿـــي آءُ راڻـــا
_____________
ڪلام: حضرت صوفي بهاول فقير لغاري

راڳي: صوفي عثمان فقير سولنگي

ڪلام جي آڊيو
 
ايئن نه ڪر محبوب تون، ايڏا حجابڙا
______

ڪلام؛ حضرت اعجاز سائين

راڳي: صوفي عثمان فقير سولنگي
 
 
 
 
 

اٿئي ويجها وڻ وڻڪار جا

اٿئي ويجها وڻ وڻڪار جا،
 تون ته ويهه م آسرو لاهي
 
____________

ڪلام؛ حضرت صوفي فقير ولي محمد لغاري
راڳي: صوفي عثمان فقير سولنگي
ڪلام جي آڊيو 

حضرت مرزا بيدل فرمائي ٿو ته

آسمان هڪ گُنبد آهي جنهن ۾ ڪوئي اچ وڃ لاءِ ڪو دروازو ڪونهي ۽ تون ان گنبد ۾ موجود آهين. ان لاءِ سوچڻ گهرجي ته جي اگر هن گنبد جو ڪوئي دروازو هجي ها يا کليل هجي ها ته تنهنجو غير ٻاهر کان اچي ها يا اندر کان ٻاهر وڃي ها. جيڪڏهن هن بغير در جي گهر ۾ رهندڙ آهي ته اِهو تون ئي آهين. ان لاءِ ڪنهن غير جو نشان هت تو کي ڳولهي به نه لڀندو.


تون جو به نقش ڏسين رهيو آهين اُهو تنهنجو تصور ئي آهي. ڏسڻ واري تنهنجي ئي اک آهي. هن گنبد ۾ تنهنجي ئي آواز گونجي ٿي. وجه ڇا آهي جو تون وهم و گمان ۾ ڦاٿل آهين ۽ پاڻ کي غير سمجهي رهيو آهين.


حضرت مرزا عبدالقادر بيدل دهلوي

(مثنوي طلسمِ حيرت)

حضرت بيدل جي فارسي ديوان ”مصباح الطريقت“ جي پهرين غزل

جڏهن آئيني جي جان صورتن جي زنگ کان ساده ٿي وڃي ٿي ته (پوءِ) شمع محفل تماشگاهه بڻجي وڃي ٿي.

(جڏهن دل ۾ محبوب جي صورت کانسواءِ ٻيون صورتون پسجڻ ۾ نه اچن ته پوءِ اها دل محبوب جي ديدار واري جاءِ بڻجي پوي ٿي.)


سڀ پوشيده ۽ ظاهري شيون اوهين هڪ حالت ۾ ڏسندوء، جڏهن اوهان جي حقيقي جان جي ڏسڻ واري اک ڏسڻ لڳي ته سڀ لڪل راز سامهون اچي ويندا.


(جڏهن باطن (اندر) واري اک کُلي ٿي، ته ڪائنات جا سڀ لڪل راز ظاهر ٿي پون ٿا)


حُباب (بُلبُلا)، ڇوليون ۽ درياه، ٽئي هڪ ئي شئي آهن. جڏهن انهن جا مختلف نالا تجويز ڪيا ويا ته انهن ۾ فرق پيدا ٿي ويو.


(حباب، ڇوليون ۽ درياه اصل ۾ هڪ شئي ”پاڻي“ جا مختلف روپ آهن. ان کي مختلف نالا ڏيڻ ڪري تفاوت اچي وئي آهي.)


جڏهن طريقت تي هلڻ وراي سالڪ جي سير جو کلڻ حُسن مجاز تي منحصر ٿي پوي. ته اُن وقت هو (سالڪ) پنهنجي دل جي غونچن کي کولي ڇڏيندو آهي. ته جئين اکين جا ڪنڊا اُن کي نه ٽنڀجن.


(طريقت جي راهه تي هلندڙ سالڪ کي روحاني سير تڏهن ميسر ٿئي ٿو جڏهن جو هُو مجازي عشق ڪمائي ٿو. اهو (سڀ) تڏهن ممڪن آهي جڏهن سالڪ عشق کي دل ۾ جاءِ ڏئي ۽ ان کي صرف اکين جو ٺارُ يا عارضي نه سمجهي بلڪه ان جي حقيقت تائين پهچڻ جي سعي ڪري.)


جسم هڪ تنگ ميدان آهي. اي بيدل! ان کان ٻاهر اچُ ته جيئن تون پنهنجي پاڻ جي حقيقت اکين سان ڏسين ته (جيئن تو کي ) واريءَ جي هر ذري ۾ کوڙ سارا بيابان ۽ صحرا نظر اچن.


(اي بيدل! فنائيت ذريعي توکي هن جسماني ڪوٽ مان رهائي ملي سگهي ٿي جيڪا تنگ ۽ تاريڪ جڳهه آهي. انسان کي فنائيت جي منزل کان بعد ئي حقيقي اک روشن ٿيو پوي، جنهن سان هو اڻ کُٽ ماڳ مقامن کي پنهنجي حقيقت واري اکين سان ڏسي سگهي ٿو.)


______________

ترجمو ۽ تشريح: طارق حيات لاشاري